92

ڪراچي ٽيسٽ: پاڪستان انگلينڊ خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: پاڪستان انگلينڊ خلاف ڪراچي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن 2 وڪيٽن جي نقصان تي 71 رنسون ٺاهي ورتيون. عبدالله شفيق 8 ۽ شان مسعود 30 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.
نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ جاري ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته ڪوشش هوندي ته انگلينڊ جي خلاف پهرين اننگز ۾ وڏو حدف رکون ته جيئن کين پريشر ۾ آڻي سگهجي.
بابر اعظم وڌيڪ چيو ته ڪراچي ٽيسٽ ۾ محمد وسيم جونيئر ڊيبيو ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه اظهر علي، نعمان علي ۽ شان مسعود کي پليئنگ اليون جو حصو بڻايو ويو آهي. ان موقعي تي ڪپتان بين اسٽوڪس چيو ته ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ چاهي ٿي پر ڪوشش هوندي ته پهرين سيشن ۾ جلد وڪيٽون وٺي پاڪستان کي ٽف ٽائيم ڏيون. هوڏانهن انگلينڊ ٽيم جو اسپنر ريحان احمد اڄ ڊيبيو ڪري رهيو آهي.
پاڪستاني ٽيم ۾ ڪپتان بابر اعظم، شان مسعود، اظهر علي، عبدالله شفيق، محمد رضوان، آغا سلمان، سعود شڪيل، فهيم اشرف، نعمان علي محمد وسيم جونيئر ۽ ابرار احمد شامل آهن.
انگلينڊ جي ٽيم ۾ ڪپتان بين اسٽوڪس، بين ڊڪٽ، زيڪ ڪرولي، اولي پوپ، جوروٽ، بيري بروڪ، بين فوڪس، ريحان احمد، اولي روبنسن، جيڪ ليچ ۽ مارڪ ووڊ شامل آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں