93

آصف زرداري، شاهد خاقان ۽ فريال ٽالپر جا ڪيس ٻڌندڙ احتساب عدالت جو جج بدلي

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر جا ڪيس ٻڌندڙ احتساب عدالت جي جج جي بدلي ڪئي وئي.
احتساب عدالت جو جج اعظم خان اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل ۽ ٻين جي ڪيسز تي ٻڌڻي ڪري رهيو هو.

قانون واري وزارت اعظم خان جي احتساب عدالت مان بدلي ڪري کيس اسپيشل جج سينٽرل مقرر ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سفارش تي قانون واري وزارت اعظم خان جي جڳهه تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ناصر جاويد راڻا کي احتساب عدالت اسلام آباد جو جج مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

قانون واري وزارت ناصر جاويد رانا کي بطور احتساب عدالت جي جج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ناصر جاويد راڻا جي مقرري 3 سالن جي لاءِ ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں