99

ٽوئيٽر تي فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي لنڪ شيئر ڪرڻ تي پابندي

ٽوئيٽر فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ٻين سوشل ميڊيا سائيٽن تي لنڪ پوسٽ ڪرڻ تي پابندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ٽوئيٽر انتظاميا پنهنجي پليٽ فارم تي ٻين سوشل ميڊيا سائيٽن جي لنڪ پوسٽ ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. انتظاميه موجب، صارفين کي متبادل پليٽ فارمن ڏانهن سڌو رستو ڏيڻ وارا اڪائونٽ معطل ڪيا ويندا.
ٽوئيٽر انتظاميا واضح ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا سائيٽس جي لنڪس تي پابندي باوجود ٽوئيٽر تي اشتهارن جي اجازت هوندي، هاڻي ٽوئيٽر ڪنهن به سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي مفت پروموشن جي اجازت نه ڏيندو.

انتظاميا موجب ڪمپني فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جي اڪائونٽس سان جڙيل مواد کي ڊليٽ ڪندي، پروفيشنل نيٽ ورڪنگ پليٽ فارم لنڪڊ ان ۽ ٽڪ ٽاڪ جو نالو لسٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو.
ٽوئيٽر ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهڙن سمورن اڪائونٽس کي معطل ڪيو ويندو جيڪي ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تان مواد جي پروموشن ڪندا، صارفين کي ٻين سوشل ميڊيا ويب سائيٽن تان پوسٽ ڪرڻ جي اجازت هوندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں