88

فلپائني مصور جيڪو پنهنجي ئي رت سان پينٽنگ ڪري ٿو

منيلا: هن وقت سوشل ميڊيا تي فلپائن جي هڪ اهڙي فنڪار جو بحث هلي رهيو آهي جيڪو رنگن بدران پنهنجي رت سان تصويرون ٺاهي ٿو.
52 ورهين جو ايليٽو سرڪا فلپائن ۾ پنهنجي اسٽوڊيو ۾ پنهنجي رت سان تصويرون ٺاهي ٿو. ايليٽو کي تمام گهٽ پذيرائي ملي رهي آهي ۽ کيس تنقيد جو نشانو پڻ بنايو ويو آهي پر سندس چوڻ آهي ته کيس ڪا به پرواهه ناهي ڀلي دنيا چا به چئي مان اهو ڪم جاري رکندس.
ايليٽو سرڪا جو تعلق غريب گهراڻي سان آهن، اسڪول تائين پهچ ۽ قيمتي مصوري سامان خريد ڪرڻ سندس لاءِ تمام گهڻو مشڪل هو. ان وقت هو ٽماٽي جو رس ۽ ٻين ميون جو رس مصوري ۾ استعمال ڪندو هو. هڪ نوجوان جي حيثيت ۾، هن کي پنهنجي رت جو خيال آيو.

جنهن کان پوءِ هو هر ٽن مهينن ۾ پنهنجي شهر جي بلڊ بئنڪ ويندو آهي ۽ پنهنجو 500 ملي ليٽر رت ڪڍرائيندو آهي جنهن بعد اها رت فرج ۾ رکندو آهي ۽ رت هڪ شيشي ۾ رکي پوءِ مصوري ڪندو آهي.
سندس چوڻ آهي ته 2023 ۾ رت سان ٺهندڙ تمام وٺي پينٽنگ تي ڪم ڪري رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں