92

سال 2100 تائين ڪيترائي ٻوٽا ۽ جانور ختم ٿي ويندا

واشنگٽن: نئين تحقيق موجب هن صديءَ جي آخر تائين 10 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻوٽن ۽ جانورن جون نسلون ختم ٿي سگهن ٿيون

سائنس ايڊوانسز ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيقي مقالي موجب، موسمياتي تبديلن ڪري ايندڙ ڏهاڪن ۾ ٻوٽن ۽ جانورن جي ختم ٿيڻ جي رفتار کي تيز ڪري ڇڏيندو ۽ انهي جو اثر انساني زندگي تي به پئجي سگهي ٿو. ..

ٻوٽن ۽ جانورن کي ختم ٿيڻ جا خطرا عام طور تي IUCN ريڊ لسٽ ۾ مانيٽر ڪيا ويندا آهن. ان ۾ سائنسدانن 150 هزار 388 کان وڌيڪ نسلن کي درپيش خطرن جو تجزيو پيش ڪيون، جنهن ۾ معلوم ٿيو ته 42 هزار کان وڌيڪ جنسن جي ختم ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اڪثريت انسان جي سرگرمين جي ڪري کيس نقصان پهچندو.
سائنسدانن انهي نئين تحقيق جي لاءِ هڪ سپر ڪمپيوٽر تيار ڪيو آهي جنهن هڪ مصنوعي ڌرتي ٺاهي آهي جنهن سان گلوبل وارمنگ ۽ زمين جي استعمال جي تبديلين جي اثرن جي خبر پوندي.
محققن جو چوڻ آهي ته 2050ع تائين 6 سيڪڙو ٻوٽا ۽ جانور ختم ٿي ويندا جڏهن ته هن صديءَ جي آخر تائين اها شرح 13 سيڪڙو تائين پهچي ويندي.
سائنسدانن جو اندازو آهي ته 27 سيڪڙو ٻوٽا ۽ جانور 2100 تائين بدترين حالتن جي ڪري ختم ٿي سگهن ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں