79

ڪراچي ٽيسٽ: پاڪستان انگلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 167 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ خلاف ٻئي اننگز ۾ قومي ٽيم جي بيٽنگ لائين ڍير ٿي وئي جنهن کان پوءِ انگلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 167 رنسن جو حدف مليو آهي.
نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان پنهنجي ٻئي اڻ مڪمل اننگز جي شروعات 21 رنسون بنا ڪنهن نقصان کان ڪيو ته شان مسعود 3 ۽ عبدالله شفيق 14 رنسن سان وڪيٽ تي موجود هئا ۽ پاڪستان کي انگلينڊ جي پهرين اننگز جي برتري ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 29 رنسن جي ضرورت هئي.
پاڪستان جو اسڪور 53 رنسن تي پهتو ته پهريان شان مسعود ريوس سوئپ کيڏڻ جي ڪوشش ۾ ليچ جي بال تي بولڊ ٿي ويو جنهن کان پوءِ پنهنجو آخري ٽيسٽ کيڏندڙ اظهر علي به ٻئي ئي بال تي بولڊ ٿي ويو. عبدالله شفيق به 26 رنسون ٺاهي ليچ جي ئي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو.
ڪپتان بابر اعظم 54 ۽ سعود شڪيل 53 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. جڏهن ته فهيم اشرف صرف هڪ رنس ٺاهي جوروٽ جي بال تي آئوٽ ٿيو. نعمان علي 15 رنسون ٺاهي مارڪ ووڊ جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو. محمد وسيم جونيئر 2 رنسون ٺاهي ريحان احمد جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو جنهن کان پوءِ آغا سلمان به 21 رنسون ٺاهي ريحان جي بال تي آئوٽ ٿي ويو.
انگلينڊ طرفان جيڪ ليچ 3، جوروٽ ۽ مارڪ ووڊ هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي جڏهن ته ليگ اسپنر ريحان احمد ميچ ۾ 7 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.
ياد رهي ته ڪراچي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ پاڪستاني ٽيم 304 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي جنهن جي جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم 354 رنسون ٺاهيون هيون ۽ پاڪستان خلاف پهرين اننگز ۾ 50 رنسن جي برتري حاصل ڪئي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں