58

روجهاڻ ۾ خوفناڪ حادثو: ٻن ڪوچز ۾ ٽڪر،8 مسافر فوت

پنجاب ۾ انڊس هاءِ وي تي ٻن ڪوچن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾8 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. روجهاڻ واري علائقي ۾ ٻن ڪوچن ۾ ٽڪر ٿيو، فوتين ۾ تنگواڻي سان تعلق رکندڙ ڪنڊيڪٽر غلام شبير جعفري ۽ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ 2 مسافر به شامل آهن. فوتين جا مڙهه شاهوالي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، زخمين کي ڪشمور اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب هڪ ڪوچ ڊيرا اسماعيل خان کان سکر ۽ ٻي ڪوچ ڪراچي کان ڊي جي خان وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں