91

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪڻڪ جو بحران: اٽو وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪڻڪ جو بحران شدت اختيار ڪرڻ کان پوءِ اٽي جي قيمت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.
هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالرئوف ابراهيم چيو آهي ته حڪومت ڪڻڪ جي فراهمي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا. نئين فصل اچڻ ۾ ساڍن ٽن مهينن جو وقت لڳندو، جڏهن ته اسان وٽ ڪڻڪ جو اسٽاڪ به موجود نه آهي. 80 ٽن ڪڻڪ امپورٽ جي ضرورت هئي پر 13 کان 15 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪئي وئي آهي.

عبدالرئوف وڌيڪ چيو ته ڪڻڪ جي هول سيل قيمت 15 ڏينهن اڳ 84 روپيه هئي جيڪا هاڻ 99 روپين تي پهچي چڪي آهي. چيئرمين هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته حڪومت هن وقت به جيڪڏهن قدم نه کنيا ته ڪڻڪ جي هول سيل في ڪلو قيمت 140 روپين تائين پهچي ويندي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ اٽي جي في ڪلو قيمت ۾ 20 روپين جي واڌ ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ اٽي جي في ڪلو قيمت 140 روپين تائين پهچي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں