58

عام چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن، پرويز الاهيءَ لاءِ هاڻي گنجائش نه رهي آهي: چوڌري شجاعت

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته عام چونڊون تڪڙيون ٿيندي نظر نه پيون اچن. پرويز الاهي چار پنج مهينا ڪڍي سگهي ٿو.
وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ(ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين سان لاهور ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سالڪ حسين، عطا تارڙ ۽ ملڪ احمد خان به موجود هئا. ملاقات دوران ڳالهيون ڪندي چوڌري شجاعت حسين چيو ته مستقبل جو سياسي لائحه عمل ملي ويهي طئي ڪنداسين. پنجاب ۾ هاڻ صورتحال بهتر ٿيندي نظر اچي پئي. پ پ ۽(ن) ليگ عدم اعتماد يا اعتماد جو ووٽ ٻنهي آپشن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته پ پ ۽ (ن) ليگ وٽ ٻيا به آپشن هوندا. مون کي ٻنهي پارٽين 2 آپشن ئي ٻڌايا آهن. جن وٽ عدم اعتماد جا ووٽ پورا ناهن اهي پنهنجا نمبر پورا ڪندا جنهن وٽ ووٽ پورا هوندا اهو بچي ويندو.
هن چيو ته منهنجو پي ڊي ايم سان نه پر آصف زرداري ۽ شهباز شريف سان رابطو ٿيو آهي. پنجاب جي معاملي تي صورتحال پريشان ڪرڻ جوڳي آهي. پر ان جو جلد حل نڪري ايندو. منهنجي خيال ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ شيون بهتر ٿيڻ شروع ٿي وينديون.
چوڌري شجاعت چيو ته پرويز الاهي جيڪڏهن فيصلو ڪيو ته هو چار پنج مهينا ڪڍي سگهي ٿو. مون کي عام چونڊون تڪڙيون ٿيندي نظر نه پيون اچن. ڪجهه ماڻهو اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ ڪجهه بچائڻ ۾ رڌل آهن.
چوڌري شجاعت چيو ته پرويز الاهي جي لاءِ ڪوبه مسئلو ناهي مسئلو ته سياسي پارٽين جو آهي. هڪ پارٽي عدم اعتماد ۽ ٻئي اعتماد جي ووٽ جي تحريڪ آڻڻ چاهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان عقلمند ماڻهو آهي کيس ڪنهن جي به مشوري جي ضرورت نه آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں