94

شاهه رخ خان ۽ انگلش فٽبالر وين روني جي دلچسپ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

قطر: بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان جي انگلش فٽبالر وين روني سان سندس ’سگنيچر پوز‘ ڪندي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

فٽبال ورلڊ ڪپ ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا مان لکين مداح ۽ شوبز شخصيتون قطر پهچي ويون، شاهه رخ خان به اڄڪلهه پنهنجي نئين فلم ”پٽان“ جي پروموشن لاءِ قطر ۾ موجود آهي.

تازو ئي ڪنگ خان هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن سان گڏ انگلش فٽبالر وين روني به مهمان طور موجود هو. وين روني شاهه رخ خان کان دلچسپ انداز ۾ پڇيو ته پٺاڻ آخر ڪير آهي ڇا فٽبالر آهي؟

ان سوال تي شاهه رخ خان پهريون کليو ۽ مان ايمانداري سان ٻڌائيندس ته پٺاڻ ڪير آهي.

شاهه رخ خان پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته جڏهن توهان ڪنهن مسئلي ۾ ڦاٿل آهيو ۽ توهان کي مسئلي جو حل نه ملي ۽ توهان آخر ۾ جنهن شخص کي سڏيو، ان کي پٺاڻ سڏيو ويندو آهي.

اداڪار اڳوڻي انگلش فٽبالر جي تعريف ڪندي چيو ته منهنجي لاءِ جيڪڏهن ڪو فٽبالر پٺاڻ ٿي سگهي ٿو ته اهو هميشه توهان هوندو.

ياد رهي ته شاهه رخ خان ۽ دپيڪا پڊوڪون جي فلم ”پٺاڻ“ 25 جنوري 2023 تي رليز ٿيندي، جنهن ۾ جان ابراهم به پهريون ڀيرو گڏ نظر ايندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں