95

سنڌ حڪومت 27 ڊسمبر تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت 27 ڊسمبر تي سموري صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل 27 ڊسمبر تي عام موڪل جڏهن ته 26 ڊسمبر تي ڪرسمس جي حوالي سان مسيحي برادري سان تعلق رکندڙن لاءِ موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿي وئي هئي. ان حوالي سان هر سال جيان هن سال به پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ صوبي ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
بينظير ڀٽو جي مُک تقريب نئون ديرو ويجهو ڳڙهي خدا بخش ۾ ٿيندي آهي جنهن ۾ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سميت ان جا گهر ڀاتي، پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن شرڪت ڪندا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں