73

ڪم نٿا ڪري سگهو ته استعيفيٰ ڏئي گهر هليا وڃو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران مڪاني کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي چيو ته ماڻهو اوهان جي رويي مان مطمئن ناهن جيڪڏهن اوهان کي ڪم ناهي ڪرڻو ته استعيفيٰ ڏئي گهر هليا وڃو.
صوبي ۾ باختيار نظام بابت جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جي درخواستن تي جواب جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ آڏو سنڌ ۾ مڪاني نظام بابت ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ايم ڪيو جو وڪيل طارق منصور، جماعت اسلامي جو وڪيل صلاح الدين احمد ۽ عثمان فاروق پيش ٿيا. امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هو.

عدالت مڪاني کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته ماڻهو اوهان جي رويي مان مطمئن ناهن. جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪم ناهي ڪرڻو ته استعيفيٰ ڏئي گهر هليا وڃو. غير ضروري دير تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

جسٽس ڪي ڪي آغا پڇاڻو ڪيو ته مڪاني اداري جو سيڪريٽري ڪٿي آهي؟ ان جو جواب ڪٿي آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل موقف ڏنو ته ايڊيشنل سيڪريٽري هتي آيو آهي، وڌيڪ وقت گهري رهيا آهيون جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي اهو ته ڪوبه جواز نه آهي.
ايم ڪيو ايم جي وڪيل طارق منصور ايڊووڪيٽ پنهنجي موقف ۾ چيو ته 11 مهينا گذري چڪا آهن. لاڳيتو جواب گهري رهيا آهيون. مڪاني کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته اسان هن اهم مسئلي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏنا ته اها وضاحت اڻپوري آهي، اهو ڪو جواز ناهي، ڇو وقت وڃائي رهيا آهيو؟
ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته اسان کي آخري مهلت ڏني وڃي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته نه، مهلت نه، اوهان ۽ اوهان جي سيڪريٽري خلاف ڪارروائي ڪنداسين، اوهان کي گهڻو وقت ڏنو ويو آهي اوهان دير ڪري رهيا آهيو.
جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته اهو معاملو سپريم ڪورٽ جي سامهون به رکي چڪا آهيون. سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي به عمل نه پيو ڪيو وڃي. طارق منصور ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي غير ضروري دير ڪئي پئي وڃي.
ٻڌڻي دوران مڪاني کاتن جي ايڊيشنل سيڪريٽري استدعا ڪئي ته هڪ موققعو ڏنو وڃي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته آخري موقعو ڏئي رهيا آهيون ٻئي صورت ۾ توهين عدالت جي ڪارروائي ڪنداسين. جسٽس ڪي ڪي آغا وڌيڪ چيو ته مڪاني کاتي جو سيڪريٽري پاڻ ڪٿي آهي؟ ان کي چئو ايندڙ ٻڌڻي تي پاڻ اچي. عمل ڪريو ٻئي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪنداسين.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته چونڊون ڪڏهن ٿي رهيون آهن؟ ايڊووڪيٽ طارق منصور موقف ڏنو ته مڪاني چونڊون 15 جنوري تي شيڊول آهن. عدالت ريمارڪس ڏنا ته اوهان مڪاني نظام کي بااختيار نه بنائڻ تي توهين عدالت جي درخواست ڇو داخل ناهي ڪئي؟ ظاهري طور لڳي رهيو آهي ته اوهان ڄاڻي واڻي دير ڪري رهيا آهيو. جنهن کان پوءِ عدالت مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ ۽ فيصلي جي ڪاپي چيف سيڪريٽري ڏانهن اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ٻڌڻي 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته جماعت اسلامي تڪڙيون مڪاني چونڊون ڪرائڻ ۽ ايم ڪيو ايم چونڊن کان اڳ مڪاني نظام کي بااختيار ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري رکي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں