99

پاڪستان 70 سالن ۾ پهريون ڀيرو هوم گرائونڊ تي ٽيسٽ سيريز ۾ وائٽ واش

ڪراچي: انگلينڊ پاڪستان کي 70 سالن ۾ پهريون ڀيرو هوم گرائونڊ تي ٽيسٽ سيريز ۾ 0-3 تان وائٽ واش ڪري ڇڏيو.
هوم گرائونڊ تي پهريون پاڪستان کي لاڳيتو چئن ٽيسٽ ميچز ۾ شڪست ملي. انگلينڊ جي خلاف ٽن ٽيسٽن کان اڳ پاڪستان کي آسٽريليا لاهور ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ به شڪست ملي هئي.

ان کان اڳ پاڪستان کي هوم گرائونڊ ۾ 1960ع ۾ ٽيسٽ سيريز ۾ 0-2 تان شڪست ملي هئي.
انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 167 رنسن جو حدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي مڪمل ڪيو ۽ ٽيم کي ڪاميابي ڏياري انگلينڊ جي بين ڊيڪٽ 82 ۽ ڪپتان بين اسٽوڪس 35 رنسن جي نه وسرڻ جوڳي اننگز کيڏي.
انگلينڊ جي بيري بروڪ بهترين ڪارڪردگي سبب پليئر آف دي ميچ ۽ پليئر آف سي سيريز قرار ڏنو ويو.
گذريل ڏينهن ڪراچي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن جو ميچ ختم ٿيڻ تي پاڪستان 167 رنسن جي حدف جي جواب ۾ مهمان ٽيم انگلينڊ 2 وڪيٽن تي 112 رنسون ٺاهيون هيون.
پاڪستاني ٽيم ٻئي اننگز ۾ 216 رنسن تي آئوٽ ٿي. ڪپتان بابر اعظم 54 ۽ سعود شڪيل 53 رنسون ٺاهيون جڏهن ته انگلينڊ جي ريحان احمد اننگز ۾5 ۽ ميچ ۾ 7 وڪيٽون حاصل ڪيون.
پاڪستان جي 167 رنسن واري حدف جي تعاقب ۾ انگلينڊ جي رانديگرن بهترين بيٽنگ ڪئي پر اهي ميچ ٽئين ڏينهن مڪمل نه ڪري سگهيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں