159

واٽس ايپ تي ڊيليٽ ٿيل پيغام پڙهي سگهجي ٿو

واٽس اپ هڪ فيچر متعارف ڪرائڻ جي تصديق ڪئي آهي ته جيئن توهان جو ڊليٽ ٿيل پيغام واپس اچي سگهي ٿو.

اهڙي طرح ايپليڪيشن هن فيچر کي ڊسمبر جي شروعات ۾ متعارف ڪرايو هو، پر سڀئي صارف ان فيچر تائين رسائي حاصل نه ڪري سگهيا هئا، هاڻي واٽس اپ باضابطا اعلان ڪيو آهي ته هي بهترين فيچر ڊيسڪ ٽاپ، اينڊرائيڊ ۽ آئي فون استعمال ڪندڙن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.
اڪثر ائين ٿيندو آهي ته صارفين چيٽ دوران جلدي جلدي هڪ ميسيج ڊيليٽ ڪري ڇڏيندا آهن منهنجي لاءِ ڊيليٽ ڪرڻ بدران ڊيليٽ فار ايوري ون، جنهن سان مستقل طور تي ميسيج ڊيليٽ ٿي ويندو آهي ۽ اهو ماڻهو پڙهي وٺندو آهي جنهن کي اهو پيغام غلطي سان موڪليو ويو هو.
پر نئين فيچر سان صارفين کي ان مسئلي کي منهن نه ڏيڻو پوندو ڇو ته هاڻي جڏهن توهان غلطيءَ ميسيج ڊيليٽ ڪيو ته توهان ان کي واپس پنهنجي اسڪرين تي آڻي سگهو ٿا.
هاڻي توهان جيئين ئي غلطي سان ميسيج ڊيليٽ ڪندا ته هڪ آپشن ايندو انڊو (واپس) جنهن سان ڊليٽ ڪيل پيغام واپس اسڪرين تي ظاهر ٿيندو.
ياد رهي ته اهو واپسي وارو آپشن صرف چار سيڪينڊ هوندو جنهن کان پوءِ توهان اهو پيغام ٻيهر اسڪرين تي نه آڻي سگهندا. ڇو ته چئن سيڪنڊن کان پوءِ ِ آپشن غائب ٿي ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں