109

بازارون ۽ هوٽلون 8 وڳي، شادي هال 10 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت بجلي جي بچت لاءِ مختلف قدم کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب بازارون ۽ هوٽلون 8 وڳي جڏهن ته شادي هال 10 وڳي بند ڪرڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا آهن.
بچاءُ واري وزير خواجه آصف، قمرالزمان ڪائره ۽ مريم اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪفايت شعاري جي پاليسي ڏني پئي وڃي. ان سلسلي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ سيڪريٽري پاور، دفاع واري وزير سميت 10 ٻيا وزير به شامل آهن. بچاءُ واري وزير ٻڌايو ته سرڪاري ادارن ۾ 20 سيڪڙو ماڻهو گهر ويٺي ڪم ڪندا ته 58 ارب روپين جي بچت ٿيندي.
پريس ڪانفرنس ڪندي بچاءُ واري وزير چيو ته شادي هالن جو وقت رات 10 وڳي تائين هوندو جڏهن ته هوٽلون ۽ مارڪيٽون رات 9 وڳي بند ڪيون وينديون. اهڙن قدمن سان 62 ارب روپين جي بچت ٿيندي. پراڻا پکا 120 کان 130 والٽ بجلي استعمال ڪندا آهن جڏهن ته نوان پکا تقريبن 40 کان 60 واٽ بجلي استعمال ڪندا آهن. ان پنکن جي استعمال سان 15 ارب روپين جي بچت ٿي سگهي ٿي.

هن چيو ته ايل اي ڊي بل جي استعمال سان 23 ارب روپين جي بچت ٿيندي. گهرن ۾ پکا ۽ ايئرڪنڊيشنڊ جي استعمال ۾ بچت سان 8 کان 9 هزار ميگاواٽ بجلي بچائي سگهجي ٿي. گيس فراهم ڪندڙ ڪمپنيون گيزر جي لاءِ بچت جا اوزار ڏينديون جنهن سان 92 ارب روپين جي سالياني بچت ٿيندي.

خواجه آصف چيو ته متبادل اسٽريٽ لائٽس ٻارڻ سان 4 ارب روپين جي بچت ٿيندي اي بائيڪس متعارف ڪرائي پئي وڃي. محدود وقت اندر اهي موٽرسائيڪلون مارڪيٽ ۾ اچي وينديون. امپورٽ شروع ٿي چڪي آهي. موٽر سائيڪل ڪمپنين سان ان حوالي سان ڳالهيون جاري آهن. اي بائڪس اچڻ سان 86 ارب روپين جي بچت ٿيندي. هن چيو ته اهڙن قدمن جي لاءِ عوامي آگاهي مهم به هلائي ويندي.
وفاقي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينه جي فيصلن تي چئني صوبن کي ڀروسي ۾ ورتو ويندو. خميس تائين پاليسي کي حتمي شڪل ڏني ويندي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته رات 2 وڳي تائين دڪان کولڻ جو رواج سمجهه کان ٻاهر آهي. اسان کي توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجون عادتون تبديل ڪرڻيون پونديون. اسان رات جو شاپنگ ڪلچر برداشت نٿا ڪري سگهون.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي رات دير تائين مارڪيٽون کليل هونديون آهن. صبح جو اسان وٽ 12 کان 1 وڳي تائين مارڪيٽون کلنديون آهن اسان ڏينهن جي روشني مان وڌ کان وڌ فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. ملڪ هن وقت سنگين معاشي پريشانين جو شڪار آهي اسان وٽ ان کان علاوه ٻيو ڪوبه آپشن نه آهي.
ان موقعي تي قمرالزمان ڪائره چيو ته ملڪ هن وقت مشڪل حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. حڪومت قدم کڻي رهي آهي. عمران خان روزاني ملڪي معيشت تي حملو ڪندو آهي. هو ڊيفالٽ جون ڳالهيون ڪندو آهي، اهڙو ڪجهه نه ٿيندو. اسان عوام جي تڪليف کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪري رهيا آهيون سمورن اسٽيڪ هولڊرز کان اميد آهي ته تجويزن تي غور ڪندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں