55

عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب 70 ڪروڙ ڊالر امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (اڱارو: 20 ڊسمبر 2022ع) ورلڊ بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب 70 ڪروڙ ڊالر امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ورلڊ بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اجلاس ۾ پاڪستان جي مالي مدد لاءِ 1.692 ارب ڊالر جي منظوري ڏني.
عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب امداد سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 5 منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي. 50 ڪروڙ ڊالر سنڌ فلڊ ايمرجنسي بحالي منصوبي تي خرچ ڪيا ويندا. سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن۾ ساڍا 3 لک هائوسنگ يونٽ تعمير ڪيا ويندا.
پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 29 ڪروڙ ڊالر سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچرل ٽرانفارميشن منصوبي تي خرچ ڪيا ويندا. 20 ڪروڙ ڊالر سنڌ سوشل پروٽيڪشن ڊليوري سسٽم تي خرچ ڪيا ويندا. 20 ڪروڙ ڊالر صحت ۽ بهبود آبادي بابت منصوبن تي خرچ ٿيندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں