78

گهر جي صفائي ڪئي ڪچن جو ڪم ڪيو ۽ ڪپڙا پڻ ڌوتم؛ شاه رخ خان

ممبئي: بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ڪورونا جا ڏينهن ياد ڪندي چيو آهي ته انهن ڏينهن ۾ هن گهر جا ڪم سکيا.

شاهه رخ خان اڄڪلهه پنهنجي ايندڙ فلم پٺاڻ جي پروموشن ۾ مصروف آهي، تازو ئي هن ڀارتي ڪرڪيٽر رابن اٿپا کي انٽرويو ڏنو، جنهن جي ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. ان انٽرويو ۾ شاهه رخ خان پنهنجي ماضي ۽ مستقبل بابت ڳالهائيندي نظر اچي رهيو آهي.

ڪنگ خان چيو ته جيڪڏهن مان ڪڏهن به اداڪاري ڇڏي ڏيندس ته ڪاروبار ڪندس، هن کلندي چيو ته مون پٺاڻ نالي هڪ ڪيٽرنگ جو دڪان، بازيگر نالي بيڪري ۽ دل والا ڪي دلہنيا نالي مٺائي جو دڪان کوليو آهي.

شاهه رخ خان چيو ته هو فلم زيرو کانپوءِ هڪ سال لاءِ اداڪاري کان پاسي ٿي ويس پر ڪرونا ڪري انهي خال ۾ وڌيڪ سال لڳي ويا.

ڪنگ خان چيو ته ڪورونا دوران مون کي پچائڻ، صفائي سٿرائي ۽ پاڻ کي فٽ رکڻ سکڻ جو وقت مليو، ان دوران مون گهڻو وقت ٻارن سان گڏ گذاريو.

شاهه رخ کلندي چيو ته ”ڪورونا جي ڪري گهر ۾ رهڻ سبب مون گهر ۾ جم شروع ڪيو، باورچي خاني ۾ ڪم ڪيو، ڪپڙا ڌوتا پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ گهر جو سمورو ڪم به ڪيو.

واضح رهي ته شاهه رخ خان جي فلم ”پٺاڻ“ 25 جنوري 2023ع تي رليز ٿيندي، جنهن ۾ دپيڪا پڊوڪون ۽ جان ابراهم به ڪم ڪندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں