67

طالبان پاڪستان لاءِ خطرو بڻجندڙ دهشتگرد تنظيمن خلاف قدم کڻي : انتونيو گوتريس

نيويارڪ : گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته طالبان پاڪستان لاءِ خطرو بڻجندڙ دهشتگرد تنظيمن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.نيويارڪ ۾ پريس بريفنگ دوران انتونيو گوتريس چيو ته اسان طالبان اختيارين سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي.
طالبان پاڪستان لاءِ خطرو بڻجندڙ دهشتگرد تنظيمن کي روڪين ۽ پاڪستان سميت خطي ۾ ٻين ملڪن خلاف دهشتگرد سرگرمين جي اجازت نه ڏين. هن چيو ته افغان سرڪار ۾ سمورين نسلي گروپن جي شموليت ضروري آهي. پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين تي ڳالهائيندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان جي حمايت لاءِ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.
پاڪستان ۾ ڏٺو، منهنجي پنهنجي ملڪ کان ٽي ڀيرا وڌيڪ علائقو ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، اتي ٻوڏ سبب فصل، ڍور، گهرن کي جاني ۽ مالي نقصان رسيو آهي تنهنڪري عالمي برادري جي بنيادي ذميواري آهي ته هو پاڪستان جي مدد ڪن.انتونيو گوتريس وڌيڪ چيو ته ماحولياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو ڪردار تمام گهٽ آهي، عالمي برداري نوَ جنوري تي پئرس ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي حمايت ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں