70

ٽي ٽي پي بابت اسان کي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي: بلاول ڀٽو

واشنگٽن: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان بابت پاڪستان جي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
واشنگٽن ۾ آمريڪي ميڊيا سان ڳالهين ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٽي ٽي پي بابت اسان کي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ۽ ٽي ٽي پي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ جامعه حڪمت عملي جي ضرورت آهي.
هن چيو ته آسان رستو افغان عبوري حڪومت سان تعاون جو آهي ته جيئن هن مسئلي کي منهن ڏئي سگهجي ۽ اهو منهنجو پسنديده رستو هوندو ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اهو هڪ ئي رستو آهي.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اسان آمريڪا سان ملي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته آمريڪا سان مختلف معاملن تي رابطو رهندو آهي. جڏهن ته پاڪستان ۽ آمريڪا مختلف شعبن ۾ اڳيان وڌي سگهن ٿا. بلاول ڀٽو چيو ته پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پرڏيهي پاليسي کي اهميت ڏني آهي. خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ آمريڪا جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. جڏهن ته پاڪستان جا آمريڪا سان معاشي مفاد جڙيل آهن.
پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستاني ڪميونٽي وڏي انگ ۾ آمريڪا ۾ ڪاروبار ڪري رهي آهي. زراعت، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جا موقعا موجود آهن. ڪجهه وقت کان پاڪستان کي مختلف بحرانن کي منهن ڏيڻو پيو آهي جڏهن ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي بدترين اثرن کي منهن ڏنو. موسمياتي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري سان ملي ڪم ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں