69

نيب ترميم جو فائدو: آصف زرداري نواز شريف۽ يوسف رضا گيلاني خلاف داخل ريفرنس واپس

اسلام آباد: نيب ترميم کان پوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف ريفرنس نيب کي واپس اماڻيا ويا آهن.
رپورٽ موجب احتساب عدالت نيب ترميمي آرڊيننس تحت ريفرنس نيب کي واپس اماڻيا جنهن ۾ جوابدارن مٿان 11 ڪروڙ جو الزام هو نيب ۾ ڪيل نئين ترميم کان پوء 50 ڪروڙ جي الزام کان پوءِ ئي نيب ڪيس بڻجي ٿو.
احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب ترميمي آرڊيننس تحت ريفرنس لاڳاپيل فورم کي اماڻڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
ياد رهي ته احتساب عدالت جي جج اصغر علي جو مدو مڪمل ٿيڻ تي محمد بشير بطور ايڊمنسٽريٽو جج ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي غير حاضري تي کيس اشتهاري ڏنو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں