114

افغانستان ۾ طالبان عورتن شاگردن جي يونيورسٽين ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي

ڪابل: افغانستان ۾ طالبان يونيورسٽين ۾ شاگردياڻين جي داخلا تي عارضي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب هائير ايجوڪيشن واري وزير مولوي ندا محمد نديم موجب سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين ۾ شاگردياڻين جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ ان حڪم تي فوري طور تي عمل ڪيو ويندو.
تعليم واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسڪالرن يونيورسٽين جي نصاب ۽ ماحول جو جائزو ورتو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ شاگردن کي مناسب ماحول فراهم ڪرڻ تائين سندن حاضري معطل رهندي، شهري پريشان نه ٿين.
حڪومت جي اهڙي فيصلي تي عورتن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
گڏيل قومن ۽ ڪيترن ئي ملڪن طالبان جي ان فيصلي جي مذمت ڪندي ان کي عورتن جي حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. آمريڪا چيو ته ان عمل جا ناڪاري نتيجا نڪرندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں