103

فلم ”پٺاڻ“ تي تڪرار: هندو پنڊت شاهه رخ خان کي جيئرو ساڙڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ڀارتي سپر اسٽار اداڪار شاهه رخ خان جي نئين فلم ”پٺاڻ“ ريليز ٿيڻ کان اڳ ئي تڪرار ۾ اچي وئي آهي جنهن جي گاني ”بي شرم رنگ“ سبب بائيڪاٽ جي رجحان ۽ انتهاپسندن جي سخت احتجاج کانپوءِ هاڻي شاهه رخ خان کي به زنده ساڙڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. .

‘گاني ۾ دپيڪا پڊوڪون جي زعفراني رنگ واري لباس ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) سخت ڪاوڙ ۾ آهي.

فلم جي بائيڪاٽ ۽ پابندي جي مطالبي کان پوءِ هاڻي شاهه رخ خان کي هندو پنڊت پرمان آچاريا طرفان زنده ساڙڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.

وڊيو ۾ پرمهنس آچاريه کي اهو ٻڌائيندي ٻڌو پيو وڃي ته ”گانا بي شرم رنگ ۾ زعفراني رنگ جي بي عزتي ڪئي وئي آهي، اسان جي سناتن ڌرم جا ماڻهو ان حوالي سان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن، اڄ اسان شاهه رخ خان جو پوسٽر ساڙي ڇڏيو آهي. شاهه رخ خان جيڪڏهن مون کي ڪٿي به مليو ته ان کي زنده ساڙي ڇڏيندس.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي شاهه رخ خان کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو ڪيس وڙهندس.

پرامن آچاريا ماڻهن کي فلم ’پٽاڻ‘ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ وڌيڪ چيو ته ”جيڪڏهن فلم سينيما گهرن ۾ رليز ٿي ته اسان ٿيئٽرن کي باهه ڏئي ڇڏينداسين“.

ان کان علاوه، ممبئي پوليس پڻ هڪ تحريري شڪايت حاصل ڪئي آهي جنهن ۾ ديپيڪا پڊوڪون جي نامناسب زعفراني رنگ جي لباس تي پٺاڻ فلم جي گيت ‘بي شرم رنگ’ تي ايف آء آر داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

سڪيناڪا پوليس اسٽيشن جي هڪ اهلڪار جو چوڻ هو ته پٺاڻ فلم جي پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ ليڊ اداڪارن خلاف شڪايت داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته فلم کي عمدي طور هندو مذهب ۽ ماڻهن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ زعفراني رنگ جو استعمال ڪيو ويو آهي.

ڪولڪتا انٽرنيشنل فلم فيسٽيول (ڪي آءِ ايف ايف) ۾ خطاب ڪندي شاهه رخ خان سوشل ميڊيا تي ناڪاري ۽ تنگ نظر خيالن ۽ نظرين جي ڦهلاءَ تي کليل نموني ڳالهايو ۽ ان کي سماج لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں