77

(ن) ليگ اسلام آباد جون مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) 31 ڊسمبر تي وفاقي گادي واري شهر ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊون روڪرائڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.
مڪاني چونڊن جي لاءِ مسلم ليگ(ن) جي چيئرمين جي اميدوار شهزاد اورنگزيب طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست جي موقف ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان يونين ڪائونسلز جو انگ وڌايو ويو آهي جنهن کان پوءِ يونين ڪائونسلز 101 کان 125 ٿي ويون آهن.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي پراڻي ووٽرز لسٽ موجب چونڊون ڪرائڻ کان روڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن 101 يونين ڪائونسلن تائين هو. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هاڻ انهن 101 يونين ڪائونسلن جو وجود ناهي رهيو. وفاقي حڪومت به لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ ۾ ترميم جي تجويز ڏني آهي.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي علي نواز اعواڻ به حڪومت خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته يونين ڪائونسل جي معاملي تي هاءِ ڪورٽ اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي. هاءِ ڪورٽ وڌيڪ يونين ڪائونسلون وڌائڻ کان روڪيو هو. يونين ڪائونسلن جو انگ وڌائي توهين عدالت ڪئي وئي.
علي نواز اعواڻ جي درخواست ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون هر صورت ۾ 31 ڊسمبر تي ئي ٿينديون

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں