84

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري لاءِ ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي: نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري لاءِ دبئي رستي ڪراچي پهچي وئي.
نيوزيلينڊ ٽيسٽ اسڪواڊ آڪلينڊ کان امارات ايئرلائين جي اڏام ذريعي 17 ڪلاڪ کان وڌيڪ جو لاڳيتو سفر طئي ڪري اڄ صبح دبئي پهتي جتي ڪيوي ٽيم ۽ آفيشلز دبئي کان ڪراچي پهتا.
اڏام اي ڪي 600 مقرر وقت تي صبح 10 لڳي 28 منٽن تي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو.مهمان ٽيم جي اچڻ وقت خصوصي پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان سنڌ پوليس جي خصوصي يونٽ ايس ايس يو ۽ ڪراچي پوليس طرفان انتظام ڪيا ويا آهن.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 2 ميچز تي ٻڌل سيريز جو پهريون ٽيسٽ 26 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ شروع ٿيندو. ٻيون ٽيسٽ ميچ 3 جنوري تي ملتان ۾ کيڏيو ويندو. جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم دوري دوران 3 هڪ ڏينهن وارا ميچ 10 کان 14 جنوري تي ڪراچي ۾ کيڏندي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں