59

پرويز الاهي هاڻي وڏو وزير ناهي رهيو: راڻا ثناءُ

لاهور: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته چوڌري پرويز الاهي ڪالهه آئيني طور تي اعتماد جو ووٽ نه ورتو جنهن کان پوءِ هاڻ هو پنجاب جو وڏو وزير نه رهيو آهي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته پنجاب جي گورنر وڏي وزير کي ڪالهه تائين اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چيو هو پر هن ڪالهه اعتماد جو ووٽ نه ورتو ان ڪري آئين تحت پرويز الاهي هاڻ پنجاب جو وڏو وزير نه رهيو آهي. پنجاب جي گورنر طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ صرف رسمي ڪارروائي آهي.
هن چيو ته پنجاب جو گورنر آئين تحت پنهنجن اختيارن جو استعمال ڪري رهيو آهي. جيئن ئي پنجاب جو گورنر آرڊر جاري ڪندو ان تي عمل ڪرائينداسين، فيصلي تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ گورنر وفاقي حڪومت کي صوبي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو چئي سگهي ٿو.گورنر هائوس ٻاهران پي ٽي آءِ وارن هنگامو ڪيو ته ان جو به بندوبست ٿيل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں