116

سنڌ ۾ غير قانوني طور آيل پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ غير قانوني طور تي آيل پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل آفيسرن شرڪت ڪئي.

مراد علي شاهه چيو ته دهشتگرد تنظيمون ملڪ ۾ امن امان کي ٻيهر خراب ڪرڻ چاهين ٿيون، اسان دهشتگردن کي پنهنجي ملڪ، صوبي ۽ شهرن ۾ ٻيهر اڀرڻ نه ڏينداسين.
سنڌ جي وڏي وزير انٽيليجنس بيسڊ آپريشن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته سنڌ پوليس ۽ ٻين انٽيليجنس ادارن وچ ۾ رابطا وڌائڻ لاءِ ميڪنزم جوڙيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته سمورن انٽيليجنس ايجنسين کي روزاني جي بنياد تي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهڻ گهرجي.

وڏي وزير اسٽريٽ ڪرائم بابت پوليس کي اهم هدايتون پڻ ڏنيون. هن چيو ته پوليس ۽ رينجرز اسٽريٽ ڪرائم خلاف سخت ڪارروائي ڪن. هن ڊي جي رينجرز کي گشت وڌائڻ جي به هدايت ڪئي جڏهن ته اسٽريٽ ڪرائم جي خلاف ڪارروائي کي بهتر بڻائڻ جو به فيصلو ڪيو.
مراد علي شاهه شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي نفري وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. وڏي وزير چيو ته پوليس ۽ رينجرز کي انهن اهم هنڌن تي مقرر ڪيو وڃي، جتي ڏوهاري وڌيڪ سرگرم آهن، ڊسمبر ۾ ڦر جي وارداتن دوران 7 قتل ٿي چڪا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير ايندڙ 15 ڏينهن تائين اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف سخت آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته هن روزاني جي بنياد تي دهشتگردن ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف آپريشن جي ڊيٽا پوليس ۽ ميڊيا سان شيئر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں