98

اسلام آباد ۾ ڌماڪو: پوليس اهلڪار شهيد، 4 ڄڻا زخمي، بمبار مارجي ويو

اسلام آباد: وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ خودڪش ڌماڪي سبب هڪ پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪو اسلام آباد جي علائقي آءِ ٽين فور جي علائقي ۾ ٿيو.
اسلام آباد پوليس جي ترجمان ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته وفاقي راڄڌاني ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ هئي، چيڪنگ هلي رهي هئي ته ان دوران پوليس اهلڪارن هڪ شڪي گاڏي کي تلاشي جي لاءِ روڪيو ته گاڏي ۾ موجود ڌماڪيدار مادو ڦاٽي پيو.

پوليس ترجمان ٻڌايو آهي ته شروعاتي رپورٽن موجب ڌماڪو خودڪش هو، ڌماڪي ۾ گاڏي جو ڊرائيور به مارجي ويو. جڏهن ته 4 پوليس اهلڪار به زخمي ٿيا جن کي فوري طور تي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن پوليس اختيارين تصديق ڪندي ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل عديل حسين شهيد ٿيو.
ڌماڪي کان پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ گهيراءُ ڪري علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب گهرو وزارت سيف سٽي ڪيمرائن جي مدد سان ڌماڪي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. سيف سٽي ڪيمرن جي مدد سان خبر پئجي ويندي ته گاڏي ڪٿان کان آئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں