79

عمران خان جي اڳوڻي گهر واري ريحام خان ٽئين شادي ڪري ورتي

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي گهر واري ريحام خان ٽئين شادي ڪري ورتي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ريحام خان طرفان هڪ تصوير شيئر ڪندي مداحن کي ٽئين شادي جي اطلاع ڏني وئي آهي. سوشل ميڊيا سائٽ فيس بڪ تي ريحام خان پنهنجي مڙس سان گڏ تصوير شيئر ڪندي لکيو آهي ته مون کي پنهنجن پيارن ۽ خير خواهن سان گڏ اها خوشخبري ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته مون مرزا بلال بيگ سان هڪ سادي تقريب دوران شادي ڪري ورتي آهي.
هن لکيو ته مان پنهنجي والدين جي غير موجودگي ۾ اوهان کان دعائن ۽ نيڪ خواهشن جي درخواست ڪرڻ چاهيان ٿي جڏهن ته مان پنهنجي نئين زندگي جي شروعات ڪري رهي آهيان. ريحام خان پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته زندگي ۾ ڊگهي اڪيلائپ ۽ جدوجهد کان پوءِ آخرڪار مون کي هڪ اهڙو شخص مليو آهي جنهن مون کي پنهنجي ذهانت کان متاثر ڪيو ۽ پنهنجي ايمانداري، همت سان مون کي کٽي ورتو.
ريحام خان وڌيڪ لکيو ته مرزا بلال بيگ مون کان 13 سال سال ننڍو آهي پر اهو منهنجي زندگي ۾ اهم آهي. هڪ اهڙو ماڻهو جنهن تي مان يقين ڪري سگهان ٿي.
ياد رهي ته ريحام خان 1990ع ۾ پهرين شادي ڪئي اعجاز رحمان سان ڪئي هئي، ان کان سندس طلاق 2005 ۾ ٿي ان شادي مان کيس 3 ٻار به آهن جيڪي برطانيه ۾ ترسيل آهن. ان کان پوءِ ريحام خان ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان وچ ۾ شادي جي تصديق جنوري 2015 ۾ ٿي هئي پر ٻنهي جي شادي بابت خبرون آڪٽوبر 2014 کان سامهون اچي رهيون هيون پر ريحام ۽ عمران خان جي شادي 10 مهينا هلي سگهي آڪٽوبر 2015 ۾ ٻئي ڄڻا ڌار ٿي ويا هئا. جنهن کان پوءِ هاڻ ريحام خان ٽئين شادي ڪئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں