82

پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺي اسيمبلي ۾ پنهنجي ميمبرن جي اڪثريت ثابت ڪري: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي ۾ 186 ميمبرن کي وٺي اچي معاملي کي ختم ڪري. ڪراچي ۾ ريسڪيو 1122 جي هيڊ ڪوارٽر جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پنجاب جي وڏي وزير وٽ 186 ميمبر موجود آهن ته هو اعتماد جو ووٽ ڇو نٿو وٺي. پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺي اسيمبلي ۾ پنهنجي اڪثريت ثابت ڪري.
مراد علي شاهه چيو ته پنجاب جي سياسي صورتحال جو معاملو عدالت پهچي رهيو آهي جتي ان کي نه پهچڻ گهرجي. اهو معاملو اسيمبلي ۾ حل ڪرڻ گهرجي. پي ٽي آءِ 186 ميمبرن وٺي اچي معاملي کي ختم ڪري. هي بنا ڪنهن سبب جي وڪيل ڪري رهيا آهن ۽ معاملي کي عدالت کڻي وڃي رهيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پنجاب جي صورتحال تي ميڊيا پنهنجو وقت ضايع نه ڪري. آئيني طور تي گورنر کي اختيار آهي ته بي اعتمادي رٿ جي لاءِ اجلاس گهرائي سگهي ٿو.
ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز ۾ ٿيندڙ واڌ تي ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي ۾ ڦرن ۽ ڌاڙن جا واقعا وڌي رهيا آهن، امن امان جي صورتحال تي ڪالهه به اجلاس ٿيو هو يونيورسٽي روڊ تي نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو آهي. پروسيڪيوشن کي چيو آهي ته جوابدارن کي سخت سزائون ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي.
وڏي وزير چيو ته ريسڪيو 1122 سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو 3 سال اڳ ٿيو هو. ان ۾ هاڻ فائر برگيڊ کي به شامل ڪيو ويو آهي ۽ ان جو هيڊ ڪوارٽر هن وقت آپريشنل آهي. 230 ايمبولينس، فائر برگيڊ ۽ واٽر بائوذر ريسڪيو 1122 سينٽر جي ماتحت آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں