100

سپريم ڪورٽ پاران سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري صوبي جي سرڪاري زمينن تي ٿيل قبضن جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪندي قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سينيئر ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن عدالت کي استدعا ڪئي ته رينجرز کي سرڪاري زمينن تي مدد لاءِ هدايتون ڏنيون وڃن، جنهن تي جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته جيڪڏهن توهان جي پوليس قابل ناهي ته پوءِ کاتي کي ختم ڪريو، هر ڪم ۾ رينجرز جي مدد ڇو ڪري؟

عدالت آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو ته سمورن ايس ايس پيز کي هدايت ڪئي وڃي ته ڊپٽي ڪمشنرن کي سهڪار ۽ فورس فراهم ڪئي وڃي، گهرو سيڪريٽري رينجرز کي به هدايتون جاري ڪري.

سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي سرڪاري زمينن تي قبضي خلاف آپريشن بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 6 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں