55

پنجاب جي گورنر وڏي وزير پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

لاهور: پنجاب جي گورنر بليخ الرحمان وڏي وزير پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي گورنر بليخ الرحمان پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته بليخ الرحمان پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پنجاب جي گورنر اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ تي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو آهي. جڏهن ته وڏو وزير ۽ ڪابينه آئيني طور تي غير فعال ڪئي وئي آهي. پر پرويز الاهي نئي وڏي وزير جي چونڊ تائين عهدي تي ڪم ڪندو رهندو.

هوڏانهن پنجاب جي چيف سيڪريٽري عبدالله سنبل گورنر جي حڪمن تي عمل ڪندي پنجاب ڪابينه ٽوڙي ڇڏي آهي. وڏي وزير کي هٽائڻ کان پوءِ بليخ الرحمان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته وڏي وزير اعتماد جو ووٽ ناهي ورتو ان لاءِ کيس ڪم کان روڪيو ويو آهي.
گورنر جي نوٽيفڪيشن کان پوءِ پي ٽي آءِ جو مشاورتي اجلاس به ٿيو جنهن ۾ پرويز الاهي اسپيڪر سبطين خان، صوبائي وزير راجه بشارت ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب احمد اويس شريڪ ٿيا.
چوڌري پرويز الاهي پنجاب جي گورنر جو نوٽيفڪيشن مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي هن نوٽيفڪيشن کي غير آئيني قرار ڏيندي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں