122

عامر لياقت جي بيواهه دانيه شاهه جي ضمانت رد

مرحوم ميمبر قومي اسيمبلي عامر لياقت حسين جي بيواهه دانيه شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي.
جڊيشل مئجسٽريٽ مڪيش ڪمار دانيه شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
جج مڪيش ڪمار اڄ محفوظ فيصلو ٻڌائيندي دانيه شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته دانيه شاهه کي ڪجهه ڏينهن اڳ ايف آءِ اي پاران عامر لياقت جون فحش تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن خلاف دانيه شاهه ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں