73

ڀارتي فوج جي ٽرڪ جبل تان هيٺ ڪري پئي، ٽن آفيسرن سميت 16 فوجي مارجي ويا

ڀارتي فوج جي ٽرڪ جبل کان هيٺ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن آفيسرن سميت 16 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب حادثو رياست سڪم جي اترين علائقي زيما ۾ پيش آيو، جتي ڀارتي فوج جو ٽرڪ جبل تان هيٺ لهي رهي هئي ته حادثو پيش آيو ، جنهن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 16 فوجين جي مارجڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي فوج جي ٽن گاڏين جو قافلو جمعي جي صبح ٿانگو ڏانهن وڃي رهيو هو ته قافلي ۾ شامل هڪ ٽرڪ بي قابو ٿي جبل تانهيٺ ڪري پئي.

ڀارتي ميڊيا موجب حادثي کانپوءِ علائقي ۾ فوري امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن ۽ 4 زخمي فوجين کي ٽرڪ مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 3 جونيئر ڪميشنڊ آفيسر ۽ 13 فوجي مارجي ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں