95

ڀارتي نوجوان جا هڏا ايترا ته نازڪ آهن جو هٿ ملائڻ سان ٽٽيو پون

ڀارت ۾ هڪ اهڙو نوجوان آهي جيڪو موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ ايترو ته نازڪ ٿي ويو آهي جو هٿ ملائڻ سان سندس جا هڏا ٽٽي پون ٿا.

صحت الله تعاليٰ جي وڏي نعمت آهي ۽ جنهن وٽ اها نعمت نه هجي ان جي زندگي ٻين ماڻهن وانگر آسان ناهي هوندي.

اهڙو ئي هڪ نوجوان انڊيا جي بنگلور جو رهواسي آهي. هو ننڍپڻ ۾ ئي هڪ موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو جنهن سندس زندگي بدلائي ڇڏي. 14 سالن جي ڄمار تائين هن جي جسم جا هڏا 50 ڀيرا ٽٽي چڪا آهن ۽ هاڻي هن جون هڏيون ايتريون نازڪ ٿي ويون آهن جو جيڪڏهن ڪو انهن کي هٿ به هڻي ته هڏا ٽٽي پون ٿا. ان باوجود به هن نوجوان همت نه هاري ۽ معذوريءَ کي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏنو. اڄ هو هڪ اسپيڪر آهي ۽ مايوس ماڻهو زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جي حوصلا حاصل ڪرڻ لاء سندس تقرير ٻڌي ٿو.

اهو نوجوان جنهن کي هندستان جو ”ويل چيئر وارئر“ چيو وڃي ٿو پنهنجي جرئتمندانه زندگيءَ جي ڪري، نه رڳو هڪ موويشنل اسپيڪر سان گڏوگڏ هڪ گرافڪ ڊيزائنر پڻ آهي ۽ هن ڪجهه سال اڳ هڪ ڪتاب پڻ لکيو آهي.

ويل چيئر ۾ جڪڙيل 32 سالن جي نوجوان هڪ ڀارتي ويب سائيٽ کي ٻڌايو ته جڏهن مان 3 مهينن جو هو ته ڊاڪٽرن منهنجي والدين کي ٻڌايو ته مون کي هڏن جي هڪ بيماري آهي جنهن ۾ منهنجا هڏا هڪ شيشي جيان نازڪ آهن ۽ اها هڪ لاعلاج بيماري آهي.

نوجوان چيو ته اهو ٻڌي منهنجا والدين سخت پريشان ٿي ويا. جيئن ته اسان گڏيل خاندان ۾ رهندا هئاسين، تنهن ڪري منهنجا والدين مون کي سنڀالڻ لاءِ انهن کان جدا ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان گڏ هئاسين ته سڀ چوندا هئا ته مان مٿن بوجھ آهيان، پر منهنجا والدين مون کي بار نه سمجهندا هئا.

”مون کي 6 سالن جي عمر تائين ڪو خاص محسوس نه ٿيو، پر منهنجا هڏا تڏهن ٽٽڻ شروع ٿيا جڏهن مان پهريون ڀيرو اسڪول ويس جتي مون کي هڪ شاگرد هٿ ڏنو ته منهنجي هٿ جا هڏا ٽٽڻ شروع ٿيا، اهڙي طرح، اسڪول ۾ ڊانس ڪندي منهنجي ٽنگ ٽٽي پئي..

منهنجي والدين هار نه مڃي ۽ مون کي علاج لاءِ آنڌرا کڻي آيا، جسم ۾ فريڪچر ٿيڻ سبب بدن سخت ٿي ويو ۽ 8 سالن کان بستري تي پيل آهيان. تڏهن ائين محسوس ٿيو جيئن منهنجي زندگي رڪجي وئي هجي ۽ مون سوچيو ته اهڙي زندگيءَ جو ڪهڙو فائدو؟ ان موقعي تي منهنجي والدين هر ممڪن طريقي سان منهنجو خيال رکيو پر مان تمام گهڻو مايوس ٿي ويس ۽ منهنجي دل تي بار وڌي ويو.

نوجوان جو چوڻ هو ته قدرت هن ڏکئي وقت ۾ منهنجي مدد ڪئي ۽ هڪ ڏينهن منهنجو دوست آيو ۽ مون سان گرافڪ ڊيزائننگ سکڻ جي ڳالهه ڪئي. پهرين ته مان ڊڄي ويس پوءِ وڊيوز ڏٺم، ڪتاب پڙهيا ۽ سمجهيم ان کان پوءِ فري لانسنگ شروع ڪيم. آهستي آهستي شيون بهتر ٿي ويون.

موويشنل اسپيڪر بڻجڻ جي ڪهاڻي ٻڌائيندي هن چيو ته ان دوران ماڻهن مون کي فون ڪرڻ شروع ڪيو ته هو پنهنجي زندگي جي باري ۾ ڳالهائين ۽ مان موويشنل اسپيڪر بڻجي ويس. مون کي مڪمل وقت جي نوڪري پڻ ملي آهي. اڄ مون کي اهو ڪم ڪندي 10 سال ٿي ويا آهن ۽ هاڻي مان پنهنجي زندگي مان خوش ۽ مطمئن آهيان.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں