58

اعظم سواتي ضمانت جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر اعظم سواتي ضمانت جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.
رپورٽ موجب تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ گرفتار سينيٽر اعظم سواتي ضمانت جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ وفاق، ايف آءِ اي، سائبر ڪرائيم ۽ آفيسر انيس الرحمان کي ڌر بنايو ويو آهي.
ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي حوالي سان داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته ٽرائل مڪمل ٿيڻ تائين ضمانت جي درخواست منظور ڪئي وڃي.
ياد رهي ته اسپيشل جج سينٽرل اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. عدالت ضمانت جي درخواست رد ڪرڻ جو حڪم ٻڌائيندي چيو هو ته اعظم سواتي هڪ ئي ڏوهه ٻه ڀيرا ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں