93

سلمان خان پنهنجي باڊي گارڊ جي پٽ کي پنهنجي ايندڙ فلم لاءِ هيرو سائن ڪري ورتو

ممبئي: بالي ووڊ سپر اسٽار ۽ پروڊيوسر سلمان خان پنهنجي باڊي گارڊ شيرا جي پٽ ابير سنگهه کي ايندڙ فلم ۾ هيرو طور لانچ ڪندو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب سلمان خان جو وفادار باڊي گارڊ شيرا جو پٽ ابير سنگهه هاڻي بالي ووڊ ۾ قدم رکڻ لاءِ تيار آهي، عبير سنگهه کي سندس گاڊ فادر سلمان خان پنهنجي ايندڙ فلم ۾ هيرو طور لانچ ڪندو.
ڀارتي ميڊيا موجب فلم جو اسڪرپٽ مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اداڪاره جي ڳولا جاري آهي، جنهن کي ممڪن طور تي نئين هيروئن طور پيش ڪيو ويندو، فلم جي شوٽنگ جنوري 2023 ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته سلمان ان کان اڳ به بالي ووڊ ۾ ڪيترائي نوان چهرا لانچ ڪري چڪو آهي، جن ۾ سنيل شيٽي جي سيتي اٿيا، زرين خان ۽ سوناکشي سنها شامل آهن، پر هاڻي هو پنهنجي باڊي گارڊ جي پٽ کي لانچ ڪندو، جنهن تي سندس مداح به حيران ٿي ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں