89

تاريخ جي بدترين برفاني طوفان آمريڪا ۾ تباهي مچائي ڇڏي, 9 ڄڻا مارجي ويا

واشنگٽن: آمريڪا هن وقت تاريخ جي بدترين برفاني طوفان کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب عام زندگي مفلوج ٿي وئي آهي ۽ هينئر تائين 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب برفاني طوفان آمريڪي رياستن اوهائيو، ڪينٽڪي، ميسوري ۽ ڪنساس ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. انهن رياستن ۾ گرمي پد مائنس 40 ڊگري تائين وڃڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

مسلسل برفباري سبب 9 ڄڻا فوت، 5 هزار اڏامون منسوخ ۽ 22 هزار دير جو شڪار ٿي ويون آهن. 13 لک ماڻهو بجلي کان محروم ٿي ويا. جارجيا، اتر ڪيرولينا ۽ نيو يارڪ ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

برفباري سبب ٽريفڪ حادثن ۾ 50 کان وڌيڪ ڪارون تباهه ۽ ٻه موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويا. اهڙي طرح فارم هائوسز ۾ لڳ ڀڳ 25 ڍورن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن.

ياد رهي ته برفاني طوفان سبب 20 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته هن سال واشنگٽن ڊي سي ۾ 1989ع ۽ نيويارڪ ۾ 1906ع کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ ٿڌ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں