90

ڪراچي ۾ فائرنگ جي واقعن دوران ڪينيڊا جي عورت سميت 3 ڄڻا قتل

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ گولي لڳڻ سبب ڪينيڊا مان آيل عورت مارجي وئي. ريسڪيو ذريعن موجب فائرنگ جو واقعو گلستان جوهر ۾ پرفيوم چوڪ ويجهو پيش آيو جتي گولي لڳڻ سبب هڪ عورت قتل ٿي وئي. ذريعن موجب مارجي ويل عورت ڪينڊا کان پنهنجي مائٽ جي گهر آئي هئي جڏهن ته عورت جي ٻئي ڏينهن تي واپسي جي فلائيٽ هئي.
پاڙيسرين ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته عورت رهائشي عمارت جي سيڪنڊ فلور تي فليٽ ۾ ترسيل هئي جتي ڪجهه ماڻهو هوائي فائرنگ ڪري رهيا هئا. فائرنگ جي واقعي وقت عورت فليٽ جي بالڪوني ۾ بيٺل هئي. مقتوله عورت ڪينيڊا کان پنهنجن ڀائرن وٽ نوابشاهه آيل هئي جيڪا 2 ڏينهن اڳ گلستان جوهر اقرا ڪمپليڪس ۾ پنهنجي ڀيڻ جي گهر پهتي هئي. مقتوله عورت کي پنهنجي هڪ ويجهي مائٽ سان ملڻ کان پوءِ واپس ڪينيڊا روانو ٿيڻو هو.

ٻئي پاسي ڪورنگي جي عوامي ڪالوني ۾ گهر اندر فائرنگ جي پراسرار واقعي ۾ نوجوان ڇوڪري مارجي وئي. عوامي ڪالوني سيڪٽر ايف ۾ رات دير سان گهر اندر فائرنگ جي پراسرار واقعي ۾ 23 ساله سحرالنسا جي مارجي وڃڻ جو ڪيس سندس والد عبدالقدير جي مدعيت قتل ۽ ڦر جي ڪوشش جي قلمن تحت نامعلوم هٿياربندن خلاف داخل ڪيو ويو.

هوڏانهن سائيٽ سپر هاءِ وي صنعتي ايريا فقيرا ڳوٺ ۾ نامعلوم هٿياربندن ڦر جي واردات دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري نجي اسپتال جي سيڪيورٽي گارڊ کي قتل ڪري ڇڏيو. هٿياربند ڦورو مقتول سيڪيورٽي گارڊ جي ايم پي فائيو رائيفل ۽ موبائل فون به ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي وئي آهي. مقتول سيڪيورٽي گارڊ جي سڃاڻپ 27 ساله عبالجبار ولد محمد قيصر جي نالي سان ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں