72

گم ٿيل ٻلي 10 سالن کانپوءِ ملي وئي

نيويارڪ: آمريڪا ۾ 10 سال اڳ گم ٿي ويل ٻلي ٻيهر پنهنجي مالڪ کي ملي وئي.

نيويارڪ جي لانگ آئيلينڊ مان گم ٿيل هن ٻلي بابت ان جي مالڪ رچرڊ پرائس جو چوڻ آهي ته هن جي پالتو ٻلي ’ممي‘ 2012ع ۾ هڪ مائٽ جي گهر کان ڀڄي وئي هئي. اسان ٻلي جي علائقي ۾ ڳولا ڪئي پر ممي ڪٿي به نه ملي.

لانگ آئيلينڊ جي بروڪاوين ۾ قائم جانورن جي پناهه گيرن موجب، هن ٻلي کي گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ انتهائي پريشان حالت ۾ آندو ويو هو.

انسٽيٽيوٽ جي سپروائيزر لنڊا ڪليمپفيل چيو ته ٻلي جا وار ايترا ته وڌي ويا هئا جو سندس منهن به نظر نه پئي آيو.

جنهن کان پوءِ ٻلي کي صاف ڪيو ويو ۽ ان ۾ هڪ مائڪروچپ ملي، جنهن ان جي مالڪ جي سڃاڻپ رچرڊ پرائس طور ڪئي، جيڪو هاڻ اسپين ۾ رهي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں