53

اسلام آباد: مڪاني چونڊن لاءِ اي سي پي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار، هاءِ ڪورٽ لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد جي مڪاني چونڊن بابت درخواستن تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق 16 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو فيصلي ۾ عدالت اليڪشن ڪميشن جي يونين ڪائونسلز جو انگ وڌائڻ واري فيصلي کي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو.

لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت جي سامهون درخواستن ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان بڻايل ووٽرز لسٽن کي چئلينج ڪيو ويو آهي. ووٽر لسٽن بابت معاملي تي درخواستگذار 28 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن جي سامهون پيش ٿين.
عدالتي فيصلي موجب اليڪشن ڪميشن درخواستگذارن کي ٻڌي ووٽر لسٽن جي حوالي سان معاملو قانون موجب حل ڪري. اليڪشن ڪميشن کي يونين ڪائونسلز جو انگ وڌائڻ بابت فيصلي کي رد ڪرڻ کان اڳ وفاقي حڪومت جو موقف ڄاڻڻ گهرجي ها.
فيصلي ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن خلاف وفاق سميت سمورا درخواستگذار 27 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿين. اليڪشن ڪميشن سمورن درخواستگذارن کي ٻڌي معاملي جو قانون موجب فيصلو ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں