65

پرويز الاهي جي بحالي وارو فيصلو رد: حڪومت سپريم ڪورٽ کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور: مسلم ليگ(ن) پرويز الاهي جي بحالي بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پنجاب حڪومت کي صرف روزاني جي بنياد وارن ڪمن تائين محدود رکيو وڃي.
خواجه سعد رفيق پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُالله، عطاءُالله تارڙ، مسلم ليگ(ق) جي اڳواڻ طارق بشير چيمه سان گڏ پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪالهه پرويز الاهي جي بحالي جو لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو انصاف جون اميدون پوريون نٿو ڪري. ان ۾ گهڻيون غلطيون آهن. پرويز الاهي کي عدالت مٺو آپشن ڏنو آهي ته هو جڏهن چاهي ووٽ وٺي.

وفاقي وزير سعد رفيق چيو ته ان ڳالهه جو امڪان آهي ته اسان هن فيصلي کي قانوني فورم تي چئلينج ڪنداسين. ڪوبه ادارو آئين شڪني نٿو ڪري سگهي. عدالت 18 ڏينهن ڏنا آهن جنهن ۾ هارس ٽريڊنگ جو امڪان آهي. سعد رفيق چيو ته پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو پوءِ چاهي اڄ وٺي يا ڪجهه ڏينهن کان پوءِ. جيڪڏهن هن اعتماد جو ووٽ نه ورتو ته ان جو مطلب اهو هوندو ته موجوده پنجاب حڪومت کي ايوان جي اڪثريت حاصل ناهي. پنجاب حڪومت کي اسٽي آرڊر پٺيان لڪڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته پنجاب جي موجوده حڪومت چونڊيل حڪومت ناهي صرف اسٽي آرڊر تي قائم ٿيل حڪومت آهي.

وفاقي وزير وزير چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ ٻارن جي راند نه آهي جنهن کي جڏهن چاهي ٺاهيو وڃي ۽ جڏهن چاهي ٽوڙيو وڃي. پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ جو خطرو ٽري ويو، عمران خان جي هوا نڪري چڪي آهي. هن خيبرپختونخواهه حڪومت اڃان تائين ناهي ٽوڙي جيڪڏهن هو چاهي ته ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙي سگهي ٿو.

گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو ته اسيمبليون آئيني ادارا آهن انهن سان مذاق نه ٿيڻ گهرجي، اسيمبليون جيڪڏهن ڪنهن جي ضد ۽ انا جي ڪري ٽوڙيون وڃن ته گورنر جو فرض آهي ته هو اعتماد جي ووٽ لاءِ چئي. عدالت عبوري ريليف جي شڪل ۾ مڪمل ريليف ڏئي ڇڏيو آهي. ڪڏهن به ائين ناهي ٿيندو ته عبوري ريليف ۾ حتمي ريليف ڏنو وڃي. هنن جو مطالبو ئي اهو هو ته اسان کي بحال ڪيو وڃي جنهن کان پوءِ عدالت کين بحال ڪري ڇڏيو. فيصلي سان قانوني، آئيني ۽ معاشي رنڊڪون وڌنديون. جنهن سان پنجاب سخت متاثر ٿيندو. سپريم ڪورٽ کان گذارش آهي ته هن فيصلي تي نظر ثاني ڪري ۽ سوموٽو نوٽيس وٺي.
گهرو وزير چيو ته 18 ڏينهن مان هڪ هڪ ڏينهن پنجاب جي ناڻي تي ڳرو گذرندو. ڪرپشن جي بازار گرم ٿيندي. هارس ٽريڊنگ جو امڪان آهي. عدالت کي گهرجي ها ته عبوري ريليف ۾ آرٽيڪل 133 جي تحت صرف روزاني جي معاملن جي اجازت ڏئي.
هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته عدالت سڳوري مداخلت ڪري ۽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي پنجاب کي تباهي کان بچائي. پنجاب حڪومت جو اختيار صرف روزاني جي بنياد تائين محدود ڪري. اسٽي آرڊر تي انهن کي مڪمل اختيار ڏيڻ پنجاب جي عوام سان ظلم جي برابر آهي.
راڻا ثناءُالله چيو ته هنن وٽ نمبر پورا ناهن، هي اعتماد جو ووٽ نٿا وٺي سگهن. جيڪڏهن هي اعتماد جو ووٽ وٺي اسيمبليون ٽوڙين ٿا ته صوبي جي اسيمبلي جون چونڊون ٿينديون. اسان چونڊن جي لاءِ پوري طرح سان تيار آهيون پر اسيمبلي ٽوڙڻ کان اڳ هي اعتماد جو ووٽ وٺن. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جو حڪومت ۾ اچڻ جو فيصلو ملڪ جي بهتري لاءِ هو. اسان معاشي بحالي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر عمران خان روزاني ان ۾ رنڊڪ وجهي رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں