79

هيليڪاپٽر تڪرار: بيرسٽر سيف جي حاجي غلام علي کي گورنر هائوس ۾ بند ڪرڻ جي ڌمڪي

پشاور: خيبرپختونخواهه حڪومت جي ترجمان صوبي جي گورنر حاجي غلام علي کي گورنر هائوس ۾ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي
خيبرپختونخواهه جي گورنر ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ سرڪاري هيليڪاپٽر جي استعمال لاءِ صورتحال لاڳيتو ڇڪتاڻ واري ٿي رهي آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي هيليڪاپٽر ڏيڻ کان انڪار کان پوءِ ڪي پي ڪي جي گورنر حاجي غلام علي گورنر هائوس ۾ هيليڪاپٽر جي لينڊنگ روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي.
گورنر حاجي غلام علي چيو آهي ته جيڪڏهن مان هيليڪاپٽر جو استعمال نٿو ڪري سگهان ته لينڊنگ به ڪرڻ نه ڏيندس. وڏي وزير سرڪاري هيليڪاپٽر کي ذاتي هيليڪاپٽر بنائي ڇڏيو آهي. هو پنهنجي ذاتي هيليڪاپٽر کي لاهڻ جي لاءِ پنهنجي گهر ۾ بندوبست ڪري.
اهڙي جواب کان پوءِ صوبائي حڪومت جي ترجمان بيرسٽر سيف ڌمڪي ڏني آهي ته گورنر هائوس جي ٻاهران تالو لڳائي گورنر حاجي غلام علي کي اندر بند ڪري ڇڏينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں