53

اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ جو ذميوار حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مڪاني چونڊون منعقد نه ڪرائڻ جو ذميوار حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو.
مڪاني چونڊن جي التوا بابت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مڪاني چونڊن جو وقت تي نه ٿيڻ جي ذميوار صوبائي ۽ مرڪزي حڪومتون آهن.

اليڪشن ڪميشن عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چونڊون ويجهو اچڻ کان اڳ قانون ۾ تبديلي نه ڪرڻ ۽ آئين جي آرٽيڪل 140 اي چونڊ ايڪٽ 219 ۾ ترميم جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت آئيني ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي.
جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن وقت تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو جنهن کي هاءِ ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سيڪشن 219(1) جي تحت لوڪل گورنمنٽ قانون کي نظر ۾ رکندي چونڊون ڪرائينداسين پر جڏهن چونڊن جي تياري مڪمل هوندي آهي ته وفاقي، صوبائي حڪومتن طرفان قانون ۾ تبديلي سان اليڪشن جي وقت تي منعقد ڪرڻ ۾ رنڊڪون پيدا ٿينديون آهن.
جواب ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته قانون ۾ مجوزه ترميم جو مقصد مرڪز يا صوبائي حڪومتن کي چونڊون ويجهيون اچڻ کان اڳ قانون ۾ تبديلي کان روڪڻ آهي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي جمع ڪرايل جواب ۾ عدالت کان درخواستگذارن جي استدعا رد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
گذريل ڏينهن ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ ڏنل حڪم تي عمل بابت اليڪشن ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته قانون واري وزارت 4 مهينن ۾ مڪاني چونڊون منعقد ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي پر گهرو وزارت وفاقي حڪومت کان مشاورت جي لاءِ وقت طلب ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں