76

اسلام آباد ۾ دهشتگردي جو امڪان، خودڪش بمبار جي تصوير جاري

اسلام آباد: (جمعو: 30 ڊسمبر 2022ع) دهشتگردي جي خطري کي نظر ۾ رکندي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي ريڊ الرٽ ڪئي وئي آهي جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن امڪاني خودڪش بمبار جي تصوير به جاري ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انٽيليجنس ذريعن کان اطلاع ملي آهي ته امڪاني دهشتگرد ذاڪر خان ولد لائق جنهن جو تعلق خيبرپختونخواهه سان آهي دهشتگردي جي لاءِ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو.
قانون لاڳو ڪندڙ ادارن امڪاني دهشتگردي جي امڪان کي نظر ۾ رکندي پوليس کي رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي ريڊ الرٽ ڪري حفاظتي قدم سخت ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب اسلام آباد جي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي مختلف هنڌن تي چيڪنگ شروع ڪئي وئي آهي جنهن سبب عوام کي آفيسن ۽ ڪاروباري هنڌن تائين پهچڻ ۾ دير ٿي سگهي ٿي.

شهرين کي مشورو ڏنو ويو آهي ته دهشتگردي جي امڪان کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي جي سخت قدمن سبب آفيس يا ڪاروباري هنڌن تي وڃڻ جي لاءِ 15 کان 20 منٽ اڳ نڪرن پوليس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سخت چيڪنگ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڪئي پئي وڃي جنهن تي زحمت لاءِ معذرت خواهه آهيون.

پوليس طرفان شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته چيڪنگ دوران اهلڪارن سان تعاون ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به سرگرمي کي ڏسندي ئي فوري طور تي پڪار 15 تي اطلاع ڏني وڃي. ياد رهي ته گذريل جمعي تي به وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي علائقي آءِ ٽين ۾ پوليس طرفان چيڪنگ دوران هڪ گاڏي ذريعي خودڪش ڌماڪو ٿيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں