78

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي والده ديهانت ڪري وئي، شهباز شريف پاران ڏک جو اظهار

نئين دهلي: ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي والده هيرابين مودي 100 سالن جي عمر ۾ ديهانت ڪري وئي.
هيرابين کي اربع تي طبيعت خراب ٿيڻ تي احمد آباد جي يو اين مهتا انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي هو اڄ صبح جو ديهانت ڪري وئي.

وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي اباڻي علائقي احمد آباد گجرات ۾ جمعي جي صبح پنهنجي والده هيرابين مودي جون آخري رسمون ادا ڪيون.

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي والده کي خراج عقيدت پيش ڪندي ٽوئٽ ڪيو ته 100 سالن جو عظيم سفر منهنجي والده جي ديهانت کان پوءِ ختم ٿي ويو آهي. ڀارتي وزيراعظم اڪثر اهم موقعن ۽ تهوارن تي پنهنجي والده کان آشيرواد وٺڻ ويندو هو.

هوڏانهن پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف نريندر مودي جي والده جي ديهانت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته ماءُ جي وڃڻ کان پوءِ ان کان وڏو ٻيو ڪو نقصان نه هوندو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں