79

پي ٽي آءِ اڄ سموري ملڪ ۾ مهانگائي خلاف احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: عمران خان جي سربراهي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻن جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تحت مهانگائي خلاف اڄ(جمعي) ڏينهن کان سموري ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبر پنهنجن پنهنجن تڪن ۾ مظاهرن جي اڳواڻي ڪندا.

ياد رهي ته زمان پارڪ لاهور ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ سينئر پارٽي اڳواڻن جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته پي ٽي آءِ جمعي کان احتجاجي تحريڪ ٻيهر شروع ڪندي.

اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي کان پوءِ گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. کاڌي پيتي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ خلاف تحريڪ انصاف جمعي کان سموري ملڪ ۾ احتجاج جي شروعات ڪري رهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں