84

قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس جاري، عسڪري اختيارين جي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ

اسلام آباد: دهشتگردي جي تازي لهر ۽ معيشت جي صورتحال تي سڏايل قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم اجلاس جاري آهي.
قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ هٿياربند فوج جا سربراهه ۽ وفاقي وزير به شريڪ آهن. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، گهرو وزير راڻا ثناءُالله، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجه آصف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ وزيراعظم شريڪ آهن.
عسڪري اختيارين طرفان قومي سلامتي ڪميٽي کي ملڪ جي گڏيل سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني پئي وڃي. جڏهن ته اجلاس ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ مغفرت جي دعا پڻ ڪئي وئي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل عاصم منير به ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ ملڪي سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون هيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں