78

شام ۾ آئل فيلڊ جي مزدورن جي بس تي حملو، 10 مزدور مارجي ويا

دمشق: شام ۾ آئل فيلڊ جي مزدورن جي بس تي حملي ۾ 10 مزدور مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب حملو شام جي صوبي ديرازور ۾ هڪ آئل فيلڊ ويجهو ڪيو ويو. حملي ۾ ڪيترائي ڪارڪن زخمي پڻ ٿيا. اختيارين حملي بابت ڪو بيان جاري نه ڪيو آهي.

شام ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم موجب ڪارڪنن کي کڻي ويندڙ بسن کي ڌماڪيدار سامان سان نشانو بڻايو ويو. ڪالهه، ڪرد تنظيم “سيرين ڊيموڪريٽڪ فورسز” علائقي ۾ داعش جي خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں