86

ڀارت ۾ ”دي ليجنڊ آف دي مولا جٽ“ جي نمائش روڪي وئي

ممبئي: پاڪستان جي بلاڪ بسٽر فلم ”دي ليجنڊ آف دي مولا جٽ“ جي رليز ڀارتي سئنيما گهرن ۾ غير مدي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب زي اسٽوڊيو فواد ۽ ماهرا خان جي فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ کي 30 ڊسمبر تي رليز ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون هيون پر هاڻي رليز کي غيرمعمولي طور تي روڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته زي اسٽوڊيو کي سينٽرل بورڊ آف فلم سرٽيفڪيشن کان اڳ ئي دي ليجنڊ آف مولا جٽ لاءِ ڪليئرنس ملي چڪي هئي پر هن هفتي سينٽرل بورڊ فلم جي رليز کي روڪي ڇڏيو.

اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿيو ته دي ليجنڊ آف مولا جٽ کي ڏنل ويو سينسر سرٽيفڪيٽ رد ڪيو ويو آهي يا نه، پر ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته فلم جي رليز ۾ غيرمعمولي طور تي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

ياد رهي ته بالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني اسٽار ڪاسٽ جا ڀارتي مداح ماهرا خان ۽ فواد خان جي فلم جي رليز جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن جڏهن ته فلم کي ڀارت مان به سٺي بزنس ڪرڻ جي اميد آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں