66

قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ختم: دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ دهشتگردي جي تازي لهر ۽ معاشي صورتحال تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ختم ٿي ويو آهي جنهن ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، سول ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي ۽ ملڪ ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ کنيل قدمن تي غور ڪيو ويو. جڏهن ته اجلاس ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ طرفان ملڪ جي سيڪيورٽي صورحال ۽ ملڪي سلامتي تي بريفنگ ڏني وئي.

عسڪري ۽ سول قيادت ملڪ ۾ ٿيندڙ تازن دهشتگردي جي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي دهشتگردي جي واقعن جا سبب ۽ ملوث عنصرن کي سختي سان منهن ڏيڻ جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل موثر بنائڻ تي به غور ٿيو ۽ پاڪستان افغانستان بارڊر جي صورتحال ۽ تازن واقعن جو به جائزو ورتو ويو.

اجلاس کي پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي موجوده صورتحال، ماضي جي معاهدن تي ڪيل عمل تي به بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ جا سبب به غور هيٺ آيا. ذريعن موجب سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ چيو ته مشڪلن سان حاصل امن ڪنهن کي خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف ثابت قدمي سان ملي اڳيان وڌندا رهنداسين ملڪ جي سلامتي کي چئلينج ڪندڙن کي هاڻ لڪڻ جي به جاءِ نه ملندي. وزيراعظم چيوته قوم جون دعائون پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهن.
قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس جي حوالي سان پڌرائي به جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس 2 جنوري تي ٻيهر گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ چيلنجز کان آگاهه ڪيو ۽ معاشي حڪمت عملي ۽ قدمن جي باري ۾ شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني.
انٽيليجنس ادارن ملڪ ۾ امن امان جي گڏيل صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته حنا رباني کهر افغانستان جي صورتحال تي اجلاس کي بريفنگ ڏني ۽ افغان عبوري حڪومت کان ٿيندڙ رابطن کان آگاهه ڪيو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي قومي مفادن تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو. پڌرائي موجب قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ چيو ويو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن. سموري قوم دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي خلاف هڪ بيان تي متحد آهن. پاڪستان کي للڪاريندڙن کي پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں